خيرپور: گذريل ڏينهن واپاري کان ٿيل ڦر جي ڪوشش خلاف شٽربند هڙتال

456606422_845470851025015_9033721130621891123_n - Copy

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران هٿياربندن طرفان واپاري عدنان ملڪ ۽ هڪ نينگري کي زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف شهر ۾ واپارين طرفان شٽر بند هڙتال ڪري لقمان ڦاٽڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو

ڌرڻي جي اڳواڻي واپاري اڳواڻ جاويد شيخ، ذوالفقار جانوري، شرافت علي، يامين ملڪ ۽ ٻين ڪئي، واپارين جو چوڻ آهي ته خيرپور پوليس شهر ۾ امن امان جي صورتحال قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي شهر کي ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي

هنن چيو ته گذريل ڏينهن اڻڄاتل هٿياربندن واپاري عدنان ملڪ کان ڦر دوران کيس ۽ نينگري کي زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪريون ٿا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *