هالا ۾ ڀچا برادري جي مردن ۽ عورتن جو ڊي ايس پي خلاف احتجاج

WhatsApp Image 2025-03-27 at 14.07.24_ff8c1310

هالا ( رپورٽ: فهيم چانڊيو ) ڳوٺ وي ڀچا جي واسي مسمات ڀاڳل، مسمات حسينا، شيراز ڀچو ۽ ٻين ھالا پريس ڪلب آڏو ڊي ايس پي ھالا مختيار ميمڻ خلاف دانهيندي چيو ته ڊي ايس پي ھالا مختيار ميمن بااثر احمد پاٽولي ميمڻ جي چرچ تي 10 لک رپيا رشوت وٺي اسان جي مردن رفيق، ڄام ۽ حاجي ڀچو کي سيشن ڪورٽ مٽياري حاضري تي ويندي رستي مان کنڀي گم ڪيو آهي

ھنن الزام هنيو ته احمد پاٽولي، ارشاد پاٽولي وارن سان ڪورٽ سڳوري ۾ زمين جو مامرو ھلندڙ ھو جنهن جو فيصلو عدالت سڳوري اسان جي حق ۾ ڏنو جنھن بعد بااثر احمد پاٽولي مڇرجي پوليس کي رشوت ڏئي اسان جي مردن کي کنڀي گم ڪرايو آهي، اختياريون نوٽيس وٺن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *