باهوکوسو ويجهو هٿياربندن 7 ڄڻن کي قتل ڪري لاش ساڙي ڇڏيا
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) بلوچستان جي آر ڊي 238 ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوران خان کوسو ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، هٿياربندن هڪ ئي گهر جي 7 ڀاتين کي قتل ڪرڻ بعد گهر کي باهه ڏئي ڇڏي، مارجي ويل ۾ علي حسن شيخ ، زيبل ۽ سندن 5 ٻار نوجوان اسد، ٻارڙا سعد الله، يامين، ياسر ۽ سائره شامل آهن، واقعو زمين جي مالڪي تان پيش آيو، کوسا ۽ بگٽي برادرين ۾ زمين جي مامري تان تڪرار هلندڙ هو
