سرحد: موٽروي تي هٿياربندن جو گاڏين تي حملو 3 ڄڻا زخمي
سرحد ( رپورٽ: عبدالغفار ابڙو ) سي پيڪ موٽروي جي لوڪيشن 460 تي هٿياربندن گاڏين تي حملو ڪيو، هٿياربندن جي حملي ۾ 3 ڄڻا زاھد حسين، ابرار، اعجاز ۽ آصف زخمي ٿي پيا جن کي سرحد پوليس کڻائي سول اسپتال گھوٽڪي منتقل ڪيو ويو، زخمين ٻڌايو ته پنجاپ کان ڪراچي وڃي رھيا ھئاسين ته ھٿياربندن اسان مٿان حملو ڪيو اغوا ۽ ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
