خيرپور: مقتول وڪيل لياقت ڦلپوٽو جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سائده ڳوٺ ۾ قتل ٿيل وڪيل لياقت ڦلپوٽو جي قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار ۽ موٽر سائيڪل پوليس هٿ ڪري ورتا
ان حوالي سان اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او اقبال نون جو چوڻ آهي ته وڪيل لياقت ڦلپوٽو جي قتل ڪيس ۾ پوليس سندس گھر واري شھناز ڦلپوٽو، سندس سالي ساجد ڦلپوٽو ۽ اسد عرف ٻوڙو لاشاري کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو اڄ جوابدارن کان جاچ دوران پوليس واقعي ۾ استعمال ٿيل ٻه ٽي ٽي پسٽل ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي
هن ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي عدالت جي حڪم تي جوابدار مسمات شهناز شيخ کي وومين ٿاڻي سکر منتقل ڪيو آهي جڏھن ته جوابدار ساجد ڦلپوٽو ۽ اسد عرف ٻوڙو لاشاري ريمانڊ تي اي سيڪشن ٿاڻي ۾ آهن
