ڀٽ شاهه ۾ سي آءِ اي پوليس خلاف دوڪاندارن جو احتجاج

Mar-19-2025-21.55.45_WhatsApp Image 2025-03-19 at 9.52.48 PM

ڀٽ شاهه ( رپورٽر ) مک دنبورا چوڪ تي دوڪاندار ايسوسيئيشن طرفان سي آئي اي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج جي اڳواڻي دوڪاندار ايسوسيئيشن جي صدر خير محمد راهو، جنرل سيڪريٽري سرور راجپوت ۽ ٻين ڪئي

اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڀٽ شاهه جي سي آئي اي پوليس دوڪاندارن ۽ شهرين تي تشدد ڪري ظلم جي انتها ڪئي آهي، پوليس جي تشدد سبب هڪ نوجوان منٺار لاکو گهمڻ ڦرڻ کان لاچار بڻيل آهي، شڪايتن باوجود اختياريون نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته 24  ڪلاڪن اندر سي آئي اي پوليس ڀٽ شاهه انچارج خلاف قانوني ڪارروائي نه ٿي ته شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪنداسين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *