پاڪستان سميت سموري سنڌ ۾ اڄ پاڻيءَ جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان ٽئين نمبر تي اچي ويو، سنڌو درياهه ۾ سکر ۽ گڊو بئراجن وٽ مجموعي طور 52 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي
پاڻيءَ جي سخت کوٽ پيدا ٿيڻ سبب ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن ۾ ڏڪار جو خدشو وڌي ويو، خريف جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رَسي سگهي ٿو
ٺٽي ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، شاخون ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳيون، سامونڊي تباهڪاريون جاري، ٺٽي جي واهن ۽ شاخن مان پاڻي اڻلڀ
ڪوٽڙي بئراج وٽ 70 سيڪڙو کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي، ٺٽي شهر ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ رهواسي پريشان، چوپايو مال اڃ مرڻ لڳو
