سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل پچي تيار! لابارو شروع ٿي ويو
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي خريداري لاءِ سينٽر اڃا تائين نه کلي سگهيا، آبادگار توڙي هاري پريشان، سرڪاري سينٽر نه کلڻ سبب مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ 27 سئو کان 28 سئو روپين ۾ في مڻ وڪرو ٿيڻ لڳي، آبادگارن ۽ هارين جا هٿ مٿي تي اچي ويا آبادگارن پاران ڪڻڪ جو في مڻ ريٽ 42 سئو مقرر ڪرڻ جو مطالبو
آبادگارن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جو گهٽ اگهه ملڻ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال ڪڻڪ جي پوکائي به گهٽ آهي، سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته جلد کان جلد خريداري سينٽر قائم ڪيا وڃن ته جيئن آبادگار ۽ هاري نقصان کان بچي سگهن
