سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، ٽنهي بئراجن تي 54 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ رڪارڊ

Photo_26829

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سنگين اڻاٺ، ٽنهي بئراجن تي 54 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي رڳو 3 فوٽ تائين پهتي، منگلا ڊيم پهريان ئي ڊيڊ ليول تي پهچي چڪو، سکر بئراج جي ڊائون اسٽريم ۾ مٽي اڏامڻ لڳي، ڪوٽڙي بئراج مان ڪراچي سوڌو سنڌ جي شهرن ٻين کي پاڻي فراهم ڪندڙ واهن جي گهرج پوري نه ٿي

اپريل ۾ برسات نه پئي ته خريف جي فصلن کي خطرو آهي، پاڻي ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو، ڪوٽڙي بئراج وٽ رڳو 4 هزار ڪيوسڪ پاڻي بچيو آهي، جيڪو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پيئڻ جي لاءِ به اڻپورو آهي، سنڌ ۾ جر جو پاڻي کارو هئڻ ڪري کوهه به کوٽي نٿا سگهون، پنجاب ۾ 90 سيڪڙو پيئڻ جي پاڻي جون گهرجون جر مان پوريون ٿين ٿيون

سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو جو سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب، چوي ٿو، اڄ پاڪستان جا ٻئي ڊيم سڪي چڪا آهن، موسمياتي تبديلي جي سزا سڀ کان وڌيڪ اسين ڀوڳيون پيا، موسمياتي بگاڙ ۾ اسان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *