نصيرآباد ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

Photo_26829

نصيرآباد ( رپورٽ: سيد قمر عباس ) جرنلسٽس فورم جي سڏ تي سنڌو درياهه تي ٺهندڙ ڪئنالن خلاف نعريبازي، احتجاج ۾ وارهه، گاجي، وڳڻ، پکو ۽ ٻين شهرن جي قلم ڌڻين شرڪت ڪئي، مظاهري جي اڳواڻي قمر عباس، حبدار نوناري، جبار منگي رمضان واهوچو ۽ ٻين ڪئي

نوناري محلا کان نڪتل ريلي شهر جو گشت ڪرڻ بعد ارٿر شاخ جي پل تي پهتي، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه تي ٺهندڙ 6 ڪئنال واري منصوبي کي رد ڪريون ٿا

پنجاب چولستان جون زمينون آباد ڪرڻ هوڏ تي قائم آهي، سنڌو درياهه تان ڪئنال نڪتا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي، سنڌو درياهه تي ٺهندڙ ڪئنالن وارو منصوبو فوري طور تي ختم ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *