حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت جو ڏهاڙو نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ماتمي جلوس ۽ مجلسون منعقد ڪرڻ جو سلسلو جاري، ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان برآمد ٿيندو جيڪو روايتي رستن کان ٿيندو کارادر ۾ امام بارگاهه حسينيا ايرانيان تي نهر ٿيندو
جلوس جي گذر گاهن تي ايندڙ گهٽين ۽ رستن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو، جلوس جي روٽ تي ايندڙ دڪان بند ڪيا ويا، ايم اي جناح روڊ کي به ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو، ڪوريڊور ٿري کان صدر ويندڙ روڊ کي پارڪنگ پلازه کان بند ڪيو ويو، جلوس جي سڪيورٽي لاءِ فول پروف انتظام ڪيا ويا، رينجرز ۽ پوليس جا 4 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر
