هالا ۾ روزيدارن مومنن لاءِ افطار پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو
هالا ( رپورٽ: فهيم چانڊيو ) بشارت قلندري، پرويز چاچڙ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته 21 رمضان حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت جو ڏهاڙو آهي ان جي ياد ۾ اسان افطاري جو بندوبست ھر سال ڪندا آهيون، هنن چيو ته رمضان المبارڪ جو بابرڪت مهينو آهي ان پاڪ مقدس مهيني ۾ مخير حضرات مختلف چوڪن، امام بارگاهن، مسجدن ٻاهران اھڙا افطاري جا اهتمام ٿيڻ گهرجن ته جيئن غريب مسڪين روزيدار ۽ معصوم ٻار افطاري ڪري سگهن
