ڏهرڪي: سبزي منڊي واسين جو پريس ڪلب تي احتجاج
ڏهرڪي ( رپورٽ: اسد الله لغاري ) ان موقعي تي علي گل، عبدالطيف، عبدالحق، حضور بخش، ولي محمد ۽ ٻين پريس ڪلب پھچي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته بااثر عبدالرشيد، عبدلمجيد، نور حسن، عبدالوھاب، نبي بخش، ۽ ٻين اسان مٿان چوري جو الزام ڏئي اسان جي ٽن نوجوانن کي سبزي منڊي ۾ ٻڌي تشدد ڪري پوليس کان گرفتار ڪرايو آهي، هنن چيو ته اسين شريف آهيون، اسان ڪنهن جي به چوري ناهي ڪئي، اسان مٿان لڳايل چوري جو الزام ڪوڙو آهي اختياريون نوٽيس وٺن
