ڏهرڪي: ڪورٽ سڳوري جي حڪم تي انتظاميه حرڪت ۾ اچي وئي

WhatsApp Image 2025-03-22 at 17.46.43_fd28a0b9

ڏھرڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) مختيارڪار ڏهرڪي اشرف پتافي ۽ لڳاپيل انتظاميه سبزي منڊي ٻاھران غيرقانوني انڪروچمنٽ ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪاروائيون ڪيون، جي ٽي روڊ تي ڪيتري عرصي کان قائم آڙتين ۽ دڪاندارن جي والار خلاف مختيارڪار ڏهرڪي جي نگراني ۾ آپريشن ڪيو ويو، روڊ تي قائم قبضا ختم ڪرايا ويا

ان موقعي تي مختيارڪار اشرف پتافي صحافين سان کي ٻڌايو ته آئون مسلسل 20 ڏينهن کان سبزي منڊي اچان پيو جتي شھرين کي تڪليفن منهن ڏيڻو پوي ٿو

جنهن تي مون دڪاندارن کي اڳواٽ ھدايت ڪئي هئي ته انڪروچمنٽ ڪرڻ کان پاسو ڪريو،ان باجود ناجائز قبضه ڪري اڏاوتون ڪيون ويون، هن چيو ته جي ٽي روڊ تي ھلندڙ غيرقانوبي حددخلين خلاف ڪاروائي ڪري روڊ تان قبضا ھٽايا آهن

هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪورٽ سڳوري جي حڪم تي عمل ڪرڻ لاءِ گذريل ڏينهن گڏجاڻي گهرائي سڀني کي ھدايت ڪئي هئي ته ڪو به روڊ تي انڪروچمنٽ  نه ڪري پر ان باوجود ڪجهه ماڻهو روڊ تي سامان رکي وڪرو ڪن پيا جنهن تي اسان ايڪشن وٺي انڪروچمنٽ ختم ڪرائي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *