ڏهرڪي: وطن دوست فيڊريشن جو اجلاس ٿي گذريو
ڏهرڪي ( رپورٽ: اسد الله لغاري ) وطن دوست مزدور فيڊريشن پاڪستان جي مرڪزي ۽ صوبائي عھديدارن جو اجلاس، جمشيد هائوس تي مرڪزي صدر جمشيد احمد فيض جي صدارت ھيٺ منعقد ڪيو ويو، اجلاس ۾ عبدالحق کٽياڻ، لکمير مهر، سرور عباسي، عبيدالله لغاري، ربنواز سميجو، مرتضيٰ ملڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي
جڏهن ته اجلاس ۾ سنڌو درياهه مان سنڌ دشمن ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف قرارداد پاس ڪندي حڪومت کان فوري طور فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو، عيد کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ غيرقانوني ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ حڪومتي فيصلي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو پڻ اعلان
وطن دوست مزدور فيڊريشن کي ملڪ جي چئني صوبن ۽ ضلعي سطح تائين آرگنائيز ڪرڻ لاءِ رابطا مھم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جمشيد احمد فيض ڳالهائيندي چيو ته ورڪر ويلفيئرز بورڊ ۾ 5 سالن کان مزدورن جا مسئلا رڪيل آهن، اصل حقدارن کي حق نه ٿا ڏنا وڃن جيڪا ناانصافي آهي
