ميرپورماٿيلو: ايس ٽي پي جو 34 هون يوم تاسيس ملهايو ويو

WhatsApp Image 2025-03-21 at 21.51.17_9d063d9a

ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي 34ھين يوم تاسيس جي تقريب ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب ۾ ٿي گذري، تقريب ۾ ايس ٽي پي جي 34هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ان موقعي تي ضلعي صدر ايس ٽي پي زاھد ميراڻي جو چوڻ هو ته ايس ٽي پي کي اڄ 34 سال مڪمل ٿيا آھن

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايس ٽي پي ٿوري عرصي ۾ سنڌ جي جھرجنگ ۾ ڇائنجي وئي آهي، ايس ٽي پي سنڌ جي ھر مسئلي تي سنڌي عوام جو ساٿ ڏنو آهي، تقريب کي ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب جي صدر لطيف لغاري، معشوق سميجو، علي نواز جلباڻي، تاج ٽانوري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *