هالا: شهادت امام علي عليه السلام جي ياد ۾ ماتمي جلوس برآمد
هالا ( رپورٽ: فهيم چانڊيو ) ونهياڻي امام بارگاهه تان برآمد ٿيل ماتمي جلوس مختلف روايتي رستن ٿان ٿيندو ونهياڻي امام بارگاهه تي اختتام پذير ٿيو، ماتمي جلوس ۾ مختلف نوحه خوان تنظيمن جي قافلن شرڪت ڪئي، جلوس ۾ عزادارن نوحه خواني و سينا زني ڪري حضرت علي عليه السلام کي ڀيٽا پيش ڪئي
