وطن يا ڪفن آزادي يا موت جو نعرو ھڻندڙ سورهيه بادشاهه جي 82هين ورسي ملهائي پئي وڃي

WhatsApp Image 2025-03-20 at 13.50.54_40ffe262

جروار ( رپورٽ: غلام مصطفيٰ مهر ) سورھيه بادشاهه جي 82 ھين ورسي موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پاران تقريب منعقد ڪئي وئي، ورسي تقريب ۾ حر جماعت جي فقيرن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن  شرڪت ڪئي

  ان موقعي تي فقير جان محمد مھر سڪندري، خليفو فقير عيسيٰ بوزدار، فرمان بوزدار ، سينگار گبول ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شھيد سورھيه بادشاهه برصغير لاءِ لازوال قرباني ڏني، ان قرباني کي ڪڏهن وساري نه ٿو سگهجي، هنن چيو ته اسلامي جمھوريه پاڪستان جي آزادي لاءِ سورهيه بادشاهه جون سڀ کان وڏيون قربانيون آهن

هنن وڌيڪ چيو  ته جڏھن به سنڌ ڌرتي  تي ڪو ڏکيو وقت آيو ته ڌرتي جي فرزندن سر سان ڪفن ٻڌي جابر حاڪم جي حڪمراني کي للڪاريو آھي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *