ڪوٽڙي: ميهڙ واسي نابين ڳوٺاڻي جو ميڊيا سينٽر تي احتجاج
ڪوٽڙي ( رپورٽر ) ميھڙ جي ڳوٺ نورنگ چانڊيو جي رھواسي ٻنھي اکين کان نابين 28 سالا نوجوان سراج چانڊيو ڄامشورو ميڊيا سينٽر تي پھچي دانھيو ته ڏاڏي جي ملڪيت مان حصو گھرڻ تي چاچا ۽ سئوٽ غلام شبير چانڊيو، فراز چانڊيو، زيگم چانڊيو ۽ ٻيا نابين ڏسي ظلم ڪري رهيا آهن
هن چيو ته حصو گھرڻ تان ڪافي ڀيرا اسان جي گھر مٿان حملو ڪري مارڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي آھي جنھن سبب ھاڻ پيرسن پيءَ سان گڏ روڊن تي راتيون گذارڻ تي مجبور آهيان، ان مامري بابت تر جي سردارن ۽ وڏيرن کي شڪايتون پڻ ڪيون آهن پوليس وٽ دانهيو آهي پر جوابدار بااثر ھئڻ ڪري پوليس به ساڻن ٻٽ بڻيل آھي، هن مطالبو ڪيو ته اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ڪن
