ڏهرڪي: الهه واري چوڪ ڀرسان خالي جڳهه مان نوجوان جو لاش هٿ
ڏهرڪي ( رپورٽ: رتن لال ) الهه واري چوڪ ڀرسان خالي جڳهه مان رھڙڪي واسي نوجوان نور محمد رهڙ جو لاش ھٿ آيو، پاڙيسرين جي اطلاع بعد ڏھرڪي پوليس واقعي ھنڌ پھتي ۽ لاش تحويل ۾ ورتو
پوليس موجب لاش کي پورسٽ مارٽم لاءِ ڏھرڪي سول اسپتال منقتل ڪيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي
فوتي نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪنھن سان به ذاتي دشمني ناھي خبر ناھي واقعو ڪئين پيش آيو آھي
آخري اطلاعن تائين نوجوان جا وارث پوسٽ مارٽم بغير مڙهه گهر کڻائي ويا
