خيرپور: ڏير جي مبينا زيادتين خلاف عورت جو مڙس سميت احتجاج

IMG-20250319-WA0025.jpg

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو) ڳوٺ بڊئي ماڇيءَ جي رهواسڻ عورت مسمات زويا سولنگي پنهنجي مڙس ذڪاءُالله سولنگي سان گڏ خيرپور ۾ صحافين آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منهنجي ڏير انور علي اسان سان ظلم ۽ ڏاڍ جي انتها ڪري ڇڏي آهي هن اسان جي گهر تي قبضو ڪري اتي هٿياربند ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن

ھن ٻڌايو ته ڏير هٿياربندن معرفت اسان کي حراسان ۽ پريشان ڪيو آهي پوليس به سندس خلاف ڪاروائي نه پئي ڪري جنهن ڪري سخت پريشان آهيون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *