عثمان شاهه هڙي: عمرساند پوليس جي ناجائزين خلاف ڪلر شاخ واسين جو احتجاج
عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) عمرساند پوليس خلاف ڪلر شاخ واسي بلوچ برادري جي ماڻهن اسلم بلوچ، طارق بلوچ، اڪبر بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي مين ٽنڊوآدم ٽنڊوالهيار روڊ تي روڪاوٽون وجهي احتجاج ڪيو ويو
مظاهرين چيو ته عمرساند ٿاڻي جي ايس ايڇ او زاهد اقبال چانڊيو هتان جي غريب ماڻهن جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، هن علائقي ۾ شريف غريب ماڻهن کي تنگ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي،
هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڄ عمرساند پوليس ڪلر شاخ ۾ ڪرياني جي دڪاندار غلام سرور بلوچ کي دڪان ۾ داخل ٿي کيس کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن کي مذاحمت ڪري ڇڏائي ورتو آهي، هنن ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو
