ڏهرڪي: صوبائي وزير محمد بخش مهر جي ميگهواڙ پنچائت جي  اڳواڻن سان ملاقات

WhatsApp Image 2025-03-12 at 20.03.27_80b147eb

ڏهرڪي ( رپورٽ: رتن لال ) صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مھر جي ھندو ميگھواڙ پنچائت ڏھرڪي جي مکي ڊاڪٽر دادن عرشي، سيٺ ھري لال، سنيل ڪمار ڪوريڪا ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي مکي ڊاڪٽر دادن رام عرشي صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر کي برادري جي مسئلن بابت کيس بريفنگ ڏني

ان موقعي تي ڊاڪٽر دادن عرشي ڳالهائيندي چيو ته اسان جي برادري کي ھميشه ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز ڪيو ويو آھي، اسان جي برادري کي نظرانداز ڪرڻ بند ڪري سهولتون مهيا ڪيون وڃن

جڏهن ته ميگهواڙ پنچائت جي ماڻهن صوبائي وزير کي عرشي هائوس ڏهرڪي اچڻ جي دعوت ڏني جنهن تي چيف سردار محمد بخش خان مھر عيد کانپوءِ عرشي ھائوس ڏھرڪي اچڻ جي دعوت قبول ڪئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *