ڏهرڪي ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي وطن دوست مزدور فيڊريشن اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه
ڏهرڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وطن دوست مزدور فيڊريشن پاڪستان جي صدر ايڊووڪيٽ جمشيد فيض، جنرل سيڪريٽري لکمير مهر، ليگل سيڪريٽري سنڌ ايڊووڪيٽ عبيدالله آزاد، صوبائي صدر موج سميجو، صادق لغاري، رانجھن سميجو ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته مردن جي ڪاميابي ۾ عورتن جو اهم ڪردار هجي ٿو،
محنتي عورتن جو ملڪ جي ترقي ۾ وڏو حصو هوندو آهي ۽ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسين انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا، عورت ماءُ هجي، ڀيڻ، ڌيءَ يا زال هر روپ ۾ عزت لائق هوندي آهي، اسان سڀني کي عورتن جو احترام ڪرڻ گهرجي
