اوٻاوڙو: جوابدار مڙس پاران پنهنجي گهرواري کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جو انڪشاف
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) ڳوٺ لال چاچڙ ۾ جوابدار مڙس رياض چاچڙ ٽي ڏينهن اڳ پنهنجي گهرواري مسمات ميرزادي چاچڙ کي مبينا طور گهٽا ڏئي قتل ڪري مقتولا عورت جو لاش ڳجھه ڳوٺ ۾ نامعلوم هنڌ تي دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب اهڙي واقعي جي خبر پوڻ بعد ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو پاران واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، هوڏانهن ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو جو چوڻ آهي ته اهڙي واقعي جي خبر پوڻ بعد جوابدار جي گرفتاري لاءِ چاپا هنيا پيا وڃن، جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، مقتول عورت ميرزادي جي ماءُ کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي، سندس ماءُ ۽ پيءَ کان واقعي بابت هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي جلد جوابدار رياض چاچڙ کي گرفتار ڪري قتل ٿي ويل عورت ميرزادي جو لاش هٿ ڪيو ويندو
