مٽياري: واپڊه پاران رينجرز ۽ پوليس سان گڏجي رهتون ادا نه ڪندڙن خلاف ڪاروائيون
مٽياري ( رپورٽ: ذوهيب ميمڻ ) مٽياري ۾ واپڊه اختارين ضلعي مٽياري طرفان رينجرز ۽ پوليس سان گڏجي رهتون ادا نه ڪندڙن خلاف ڪاروائين جو سلسلو شوع ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ ايس ڊي او مٽياري آفتاب ڏاهاڻي جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جي حڪم تي اهڙي قسم جون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، هن وڌيڪ چيو ته شهري پنهنجا بجلي جا بل جلد کان جلد ادا ڪن ۽ غيرقانوني ڪنڊا ختم ڪن، ٻي صورت ۾ انهن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي
