اوٻاوڙو جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف پوليس جو ٽارگيٽڊ آپريشن، ڏوهارين جي ٿاڪن مٿان ڊرون فائر
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) گهوٽڪي پوليس جي وڏي نفري ڪچي واري علائقي ۾ لٿل آهي، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب گهوٽڪي پوليس بدنام ڏوهاري ثناءُ الله شر جي ٺيڪاڻن مٿان چڙهائي ڪري آپريشن شروع ڪيو،گهوٽڪي پوليس آپريشن ۾ ڊرون ذريعي گولن جو پڻ استعمال ڪيو، جديد هٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي، هوڏانهن بدنام ڏوهاري ثناءُالله شر شوشل ميڊيا تي ويڊيو وائرل ڪري ويڊيو ذريعي ايس ايس پي گهوٽڪي سميع الله سومرو کي ڌمڪيون ڏنيون آهن، ٻئي طرف اوٻاوڙو تعلقي اندر اغوا ڪارين کان پوءِ شهري توڙي ڳوٺاڻا سخت پريشاني جو شڪار آهن، شهر جون رونڪون ختم ٿي چڪيون آهن جڏهن ته عوام گهرن تائين محدود ٿي وئي آهي
