آمريڪي پابندين جو ڪو جواز ناهي ميزائل پروگرام تي ڪا سوديبازي نه ڪئي ويندي: وزيراعظم شهباز شريف
ميزائل پروگرام جي ڪري اسانجي مٿان لاڳو آمريڪي پابندين جو ڪو جواز ناهي، ميزائل پروگرام تي ڪا سوديبازي نه ڪئي ويندي:وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي پابندين کي رد ڪري ڇڏيو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته جيستائين دهشتگردي جو مڪمل خاتمو نٿو ٿئي اسانجي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ڪوششن جا اصل ثمر قوم تائين نه ٿا پهچي سگهن، دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ صوبن سان گڏجي سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، دهشتگردي ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي ٻنهي حالتن ۾ ٿورو فرق آهي، آئون ڪنهن جي نيت جي شڪ نه ٿو ڪريان پر نيت ڪجهه ٻي آهي ته فائدو نه ٿيندو، اميد آهي ته پي ٽي آءِ ۽ حڪومت گڏجي ڪو اهڙو حل ڪڍنديون جنهن سان ملڪ جو فائدو ٿيندو، اسان خلوص سان اڳتي وڌنداسين پر تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي اميد آهي ته پي ٽي آءِ به ملڪ جي مفاد ۾ ڪم ڪندي
