بي آءِ ايس پي پاران عورتن جي وظيفي جي رقم 10 هزار 5 سئو مان وڌائي 13 هزار 5 سئو ڪرڻ جو فيصلو
وفاقي سرڪار بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي جي رقم وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، مستحق عورتن کي جنوري کانپوءِ بي آءِ ايس پي جي رقم 10 هزار 5 سئو مان وڌائي 13 هزار 5 سئو رپيا ملندي، بي آءِ ايس پي چيئرپرسن روبينا خالد چيو آهي ته ايندڙ سال بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ عورتن جو انگ هڪ ڪروڙ تائين پهچي ويندو، بي آءِ ايس پي تحت هنرمند ماڻهن جي لاءِ پائلٽ پروگرام به شروع ڪرڻ جو اعلان
