800 کان وڌيڪ مظاهرين گرفتار، پي ٽي آئي پاران احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان

PTI-111-1

پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مستقبل جو لائحه عمل باني پي ٽي آئي جي هدايتن تي طئي ڪيو ويندو، جڏهن ته پوليس گرينڊ آپريشن دوران 800 جي لڳ ڀڳ شرپسندن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته حڪومتي منصوبي تحت پي ٽي آءِ جي پرامن احتجاج کي ختم ڪيو پيو وڃي

ترجمان چيو ته مستقبل جو لائحه عمل باني پي ٽي آئي جي هدايتن جي روشني ۾ طئي ڪيو ويندو

تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو ته اسلام آباد ۾ پرامن مظاهرين تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، هن دعويٰ ڪئي ته 8 ڪارڪنن جي شهادت جا اطلاع مليا آهن، ڪارڪنن تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي، هو ڪارڪنن جي قتل ۽ آپريشن جي مذمت ڪن ٿا،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *