عثمان شاهه هڙي: عمرساند پوليس جي ڪاروائي، هڪ ڄڻو گرفتار، منشيات هٿ
عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ابريز عباسي جي هدايتن تي پوليس جون ڪاروائيون جاري آهن، ان سلسلي ۾ عمرساند پوليس ڪاروائي ڪندي فاضلاڻي موري لنڪ روڊ وٽان سجاد ساهوال کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ھڪ سئو مضر صحت مين پوڙيون ۽ 50 مائو گٽڪا هٿ ڪري ورتا، پوليس موجب گرفتار منشيات فروش خلاف عمرساند ٿاڻي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪليو ويو
