ڊي چوڪ: پي ٽي آئي جا ڪارڪن آرمي جي جوانن سان ڀاڪر پائي مليا، سيلفيون ورتيون
اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف پاران باني پي ٽي آئي جي آزادي لاءِ ڏنل ڪال تي ملڪ مان پي ٽي آئي جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ اسلام آباد پهچي رهيا آهن، جڏهن ته حڪومت پاران پي ٽي آئي ڪارڪنن کي روڪڻ لاءِ مختلف حربا به استعمال ڪيا پر ان باوجود پي ٽي آئي جا ڪارڪن ڊي چوڪ تي پهچي چڪا آهن، ڊي چوڪ تي سڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيل آرمي جا جوان پي ٽي آئي ڪارڪنن سان گرم جوشي سان ڀاڪر پائي مليا پر انهن ڪارڪنن کي ڪنٽينرز تي چاڙهڻ لاءِ مدد پڻ ڪئي، اهڙن منظرن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل آهن
