هي ملڪ منهنجو آهي ۽ فوج به منهنجي آهي باني پي ٽي آئي هميشه اها ڳالهه ڪندو آهي: بشريٰ بي بي

WhatsApp Image 2024-11-26 at 17.45.12_62b825f5

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) آئون حلفن چوان ٿي مون کي هارپڪ پياريو ويو، جنهن ڪري مان 20 ڏينهن تائين گهمي نه سگهندي هيس، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي ماڻهن کي اپيل آهي ٻاهر نڪرن، هن چيو ته انتظاميه کي گذارش آهي مسلمان ڀاءُ پنهنجي مسلمان ڀاءُ کي ناهين ماريندو اسان پرامن آهيون، پوءِ اوهان اسان تي شيلنگ ڇو پيا ڪريو، ڇا اوهان کي نظر نه ٿو اچي خان صاحب سچ سان گڏ آهي، هو حق تي آهي؟ هن چيو ته هي ملڪ منهنجو آهي ۽ فوج به منهنجي آهي باني پي ٽي آئي هميشه اها ڳالهه ڪندو آهي ليڪن سمجهه نه ٿو اچي جهيڙو ڇا جو آهي، باني پي ٽي آئي جي گهرواري ٽينٽ لڳائڻ جي پڻ هدايت ڪري ڇڏي هن چيو ته ڊي چوڪ تان ڪنهن به ڪارڪن کي ناهي وڃڻو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *