واٽس اپ صارفين لاءِ خوشخبري! واٽس اپ پاران نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان
واٽس ايپ سموري دنيا ۾ آسان ميسيجنگ ايپليڪشن طور استعمال ڪيو ويندو آهي، واٽس ايپ پنهنجي صارفين لاءِ مختلف وقتن تي نوان فيچر متعارف ڪرائيندو رهي ٿو،
هاڻ به واٽس ايپ طرفان هڪ نئين فيچر تي ڪم ڪيو پيو وڃي جنهن لائونچ ٿيڻ سان واٽس ايپ استعمال ڪندڙن کي وڌيڪ آساني ٿيندي
نئين فيچر کي وائيس نوٽ جو نالو ڏنو ويو آهي، واٽس ايپ وائيس نوٽ ٽرانسڪرائب فيچر بنيادي طور تي آڊيو چيٽ کي لفظ بلفظ ٽيڪسٽ نوٽ ۾ تبديل ڪندو،
ان فيچر جي اچڻ کانپوءِ واٽس ايپ جا صارف ڪنهن به وائيس کي ٽيڪسٽ ۾ تبديل ڪري سگهندا
