غزه جي پناهگير ڪيمپن ۽ اسپتالن تي دهشتگرد اسرائيل جا حملا 66 شهيد 100 زخمي
Palestinians gather at the site of Israeli strikes on houses and residential buildings, amid the ongoing Israel-Hamas conflict, in Beit Lahiya, in the northern Gaza Strip October 20, 2024. REUTERS/Abdul Karim Farid
غزه جي پناهگير ڪيمپن ۽ اسپتالن تي اسرائيل جي فورسز جا حملا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران يهودي فوج هٿان وڌيڪ 66 فلسطيني شهيد ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
عرب ميڊيا موجب، عدوان اسپتال ڀرسان حملي ۾30 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته غزه جي الشفا اسٽريٽ تي اسرائيلي بمباري ۾ ٽن فلسطينين شهادت جو جام پيتو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جنگ جهازن بيت لاهيه، جباليه ۽ بيت حنون کي به نشانو بڻايو، ان کان علاوه خان يونس تي بمباري ۾ 5 ۽ رفح ۾ 7 فلسطيني شهيد ٿي ويا
عرب ميڊيا موجب، آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائيل اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيلن جو مجموعي انگ 44 هزار 56 ٿي ويو.
