ڪنڊيارو: صوفي بزرگ سهڻي سائين جو 41هون عرس درگاهه الهه آباد ۾ شروع
ڪنڊيارو ( رپورٽ: عبدالوحيد چنا ) مشهور صوفي بزرگ حضرت الهه بخش المعروف سهڻا سائين جي 41هين سالياني عرس مبارڪ جي سلسلي ۾ درگاهه الهه آباد ۾ تقريبون اڄ کان شروع ٿي چڪيون آهن، تقريبن جو افتتاح درگاهه جي گادي نشين سڄڻ سائين پاران مزار تي چادر چاڙهي ڪيو ويو، عرس جون تقريبون ٻن ڏينهن تائين جاري رهنديون سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، ايس ايس پي نوشهروفيروز موجب درگاهه جي داخلي ۽ خارجي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا آهن، هوڏانهن عرس جي موقعي تي درگاهه کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي ۽ مختلف شين جا اسٽال لڳايا ويا، عرس جي موقعي تي ملڪ سميت دنيا جي مختلف ملڪن مان عقيدتمندن ۽ زائرين جي آمد جو سلسلو هلندڙ آهي
