مٽياري: ايشيا جي عظيم صوفي بزرگ حضرت آغا صاحب جو 140هون عرس ملهايو پيو وڃي
مٽياري ( رپورٽ: ذوهيب ميمڻ ) درگاهه قطب الرحمان خواجه عبدالرحيم المعروف حضرت آغا صاحب سرھندي رحمت الله عليه جو 140 عرس مبارڪ عقيدت ۽ احترام سان ملھايو پيو وڃي، سجاده نشين پير غلام مجدد سرهندي جي سربراهي ۾ درگاهه تي چادر چاڙھي عرس مبارڪ جي تقريبن جو افتتاح ڪيو ويو، عرس جي موقعي تي درگاهه جي سجاده نشين پاڪستان مشائخ اتحاد ڪائونسل جي مرڪزي صدر پير غلام مجدد سرھندي جي صدارت ۾ ٿيندڙ نوين ختم نبوت ڪانفرنس ۾ پوري پاڪستان جا معروف گادي نشين ۽ عالم سڳورا اردو ۽ سنڌي ادب جا وڏا نالا شرڪت ڪندا
