ڏهرڪي ۾ ناجائز حددخلين خلاف شهرين جو 10هين ڏينهن به احتجاج
ڏهرڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) هائي ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي مزدورن کي متبادل جڳهه فراهم ڪرڻ جو مطالبو، مزدورن جي احتجاج ۾ سياسي سماجي اڳواڻ ڄام عبدالواحد سميجو ھمدردي لاءِ پهتو، ڄام عبدالواحد سميجو ڳالهائيندي چيو ته ڄام عبدالفتاح سميجو جي حڪم تي اڄ مزدورن وٽ پھتو آھيان ۽ ڄام فتاح بھ ٻاھرين ملڪ جو دورو ڪري ڏيهه پهتو آھي ۽ هو جلد مزدورن جي احتجاج ۾ شرڪت ڪندو،
سندس وڌيڪ چوڻ ھو تھ اسان پنھنجي زندگي مزدورن لاءِ جدوجھد ۾ وقف ڪئي آھي ۽ ھن مشڪل گھڙي ۾ بھ بيروزگار ٿيل مزدورن سان گڏ آھيون، جڏهن ته ريڙھي اڳواڻ صادق لغاري ڳالهائيندي چيو ته اسان ڄام عبدالواحد سميجو جا شڪر گذار آھيون جن اسان جي مشڪل گھڙي ۾ ھمدردي جو اظھار ڪرڻ ھتي پھتو آھي، اسان جا جائز مطالبه تسليم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي
