ڀرياروڊ: بيڪري کي شاٽ سرڪٽ مان باهه، الھه تلهه سڙي رک
ڀرياروڊ ( رپورٽر ) شھر جي فتح پور محلا ۾ دڪاندار محمد سليم جي بيڪري کي بجلي جي تارن مان شارٽ سرڪٽ سبب اوچتو باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ سبب بيڪري ۾ تيار ٿيل لکين روپين جو سامان مٺائي، پاپا، بسڪيٽ فرنيچر فرج ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، ان سلسلي ۾ بيڪري مالڪ ٻڌايو ته صبح جيئن بيڪري کولڻ لاءِ پھتاسين ته باهه لڳل ھئي ۽ لکين رپين جو نقصان ٿي چڪو هو
