بالي ووڊ اداڪاره سوارا ڀاسڪر پاران حضور ﷺ سان محبت جو اظهار ويڊيو وائرل
ٻنهي جهانن جي سردار رحمت اللعالمين حضرت محمد ﷺ سان صرف مسلمان نه پر غيرمسلم پڻ محبت ڪندا آهن، جنهن جي مثال ڀارت ۾ بالي ووڊ اداڪاره سوارا ڀاسڪر ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ رسول ڪريم ﷺ سان محبت جو اظهار ڪري انسٽاگرام تي ويڊيو پوسٽ ڪئي آهي
بالي ووڊ اداڪاره سوارا ڀاسڪر پنهنجي مسلمان مڙس فهد احمد تي تنقيد ڪرڻ وارن کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو آهي ۽ جنتا پارٽيءَ کي به سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. سوارا ڀاسڪر پنهنجي مسلمان مڙس سان گڏ گڏ انتخابي مهم چونڊ هلائي، ان دوران ڪيترن ئي جلسن ۽ ريلي کي خطاب پڻ ڪيو،
