سنڌ جي تاريخي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اڄ کان سنڌ ڪرافٽ فيسٽيول جي شروعات
– سنڌ جي شاندار، تاريخي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اڄ کان سنڌ ڪرافٽ فيسٽيول شروع ٿي رهيو آهي، پورٽ گرينڊ ۾ ٽن ڏينهن جاري رهندڙ سنڌ ڪرافٽ فيسٽيول جو افتتاح ثقافت ۽ سياحت وارو وزير ذوالفقار علي شاهه ڪندو، فيسٽيول ۾ سڄي سنڌ مان هنرمندن، ڪاريگرن جا مختلف اسٽالز لڳايا ويا، فيسٽيول ۾ سنڌي ٽوپي، اجرڪ، رلي، شال، هٿ سان ٺهيل ڪپڙا، چنري سميت ٻين شين جا اسٽال موجود، فيسٽيول ۾ ناميارا گلوڪار ۽ فنڪار به فن جو مظاهرو ڪندا
