سڳيون: ملاح محلا جو رهواسي نوجوان هيروئن نشو واپرائڻ سبب فوت

WhatsApp Image 2024-11-20 at 11.22.00_c2d06c33

سڳيون ( رپورٽ: نجيب ڪلهوڙو ) ملاح محلا جو رهواسي نوجوان دين محمد ملاح گذريل رات هيروئن نشو واپارائڻ سبب فوت ٿي ويو، سندس امڙ کي بيهوشي جا دوره پوڻ لڳا، ان سلسلي ۾ عبدالرزاق ملاح، رستم ملاح، ضمير ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته مقامي پوليس منشيات فروشن کان هر هفتي ڀتو وصول ڪري ٿي جنهن ڪري سڳيون ۽ ڀرپاسي ۾ منشيات جو وڪرو سرعام جاري آهي، ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته هڪ نوجوان نشو زياده واپرائڻ سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو آهي، هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا شڪايتن باوجود ڪو به تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *