سرحد ڀرسان صوفي بزرگ انور سائين جي ميلي جون تياريون جاري

WhatsApp Image 2024-11-19 at 16.06.19_fc3e0feb

سرحد ( رپورٽ: عبدالغفار ابڙو ) مشهور صوفي بزرگ سيد انور شاهه بخاري جي عرس مبارڪ جون تياريون زور ۽ شور سان عروج تي پهچي چڪيون آهن، گهوٽڪي ضلعي اندر عرس مبارڪ جي سلسلي ۾ 25 نومبر سومر ڏهاڙي تي عام موڪل جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي، سنڌ جي مشهور صوفي بذرگ ۽ شاعر سيد انور شاهه بخاري جو 64 هون عرس مبارڪ سرحد ڀرسان جهانپور شريف ۾ 21 نومبر کان شروع ٿيندو ان موقعي تي صوفي فقير سيد منور علي شاهه بخاري ڳالهائيندي چيو  ته انور سائين جي عرس مبارڪ کي برساتن جي سلسلي ۾ ڪجهه مهينا پوئتي ڪيو ويو هو جيڪو هينئر 21 نومبر کان شروع ٿي رهيو آھي، هن جو چوڻ هو ته ميلي ۾ انوار ادبي ڪانفرنس، ۽ صوفياڻي راڳ رنگ  جي محفل پڻ منعقد ڪئي ويندي، ان کان علاوه پانڌيئڙن جي تفريح لاءِ سرڪس، موت جا کوهه ۽ کوڙ تفريحي رنگ به هوندا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *