نيو سعيد آباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ناجائز حددخلين خلاف آپريشن
نيو سعيد آباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) اسسٽنٽ ڪمشنر نيوسعيدآباد اسد الله کوکر، ٽائون آفيسر گلاب جمالي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ انسپيڪٽر غلام نبي ڪاڪا جي اڳواڻي ۾ ٽائون عملي شھر ۾ ناجائز حددخلين خلاف آپريشن ڪندي ھوٽلن اڳيان ٺاھيل چلھا ڊاٿا ويا ۽ ڪيترائي صندل، گاڏا، بينچون ٽائون ڪاميٽي نيوسعيدآباد جي ٽريڪٽر ٽرالي ذريعي کڻائي ضبط ڪيا ويا، اي سي ۽ ٽائون آفيسر وڌيڪ چيو ته هي آپريشن حددخليون ختم ٿيڻ تائين جاري رھندو ۽ بنا تفريق جي ڪارروائي ڪئي ويندي
