گهوٽڪي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت گهر ۾ ڪهرام متل
گهوٽڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) ريلوي اسٽيشن روڊ جو رهواسي نوجوان سليمان ڪولاچي گھر ۾ بجلي ٺاھڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو، نوجوان کي بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام متل آهي
