قاضي احمد: سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران ٻن شاعرن جي ڪتابن جي مهورتي تقريب
قاضي احمد ( رپورٽ: جاويد سيال ) سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران سنڌ جي ٻن نامور شاعرن، نواز علي نواز انڙ ۽ شبن کوکر جي شعري مجموعي جي مهورتي تقريب ٿي گذري تقريب ۾ سموري سنڌ مان شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي، آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا، پروگرام جي صدارت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي ڪئي، جڏهن ته شبير سيال، محبوب سنڌي، ماڻڪ ملاح، معصوم بخاري، وسيم سومرو ۽ ٻين مهمان خاص طور شرڪت ڪئي آيل مھمانن کي علي دوست ملوکاڻي آجياڻو پيش ڪيو، ان موقعي تي نواز علي نواز انڙ جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو
