ٻانڌي: مهراڻ هائي وي تي مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي 2 ڄڻا فوت 14 زخمي

WhatsApp Image 2024-11-18 at 13.45.43_dd5d962d

ٻانڌي ( رپورٽ: منصب ڏاهري ) مهراڻ هائي وي تي خانڻ شاهه اسٽاپ وٽ ڪنڊيارو کان نوابشاهه ويندڙ وين ڪلٽي ٿي پئي، حادثي ۾ هڪ فوتي جي جيڪب آباد واسي مولا بخش طور سڃاڻپ ڪئي وئي، هڪ جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي جڏهن ته زخمين ۾ آسيه ابڙو، حسينه ملاح، غلام مرتضيٰ ابڙو، نصرالله  مري، مقصود ابڙو، صالح شر  ۽ ٻيا شامل آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 10 مسافرن کي نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *