عثمان شاهه هڙي: انجمن تاجران صدر جي دڪاندارن سان گڏجاڻي

Maxwell-Rauf-T20-Preview

عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) انجمن تاجران ٽنڊوالهيار جي صدر وقار حميد ميمڻ عثمان شاهه هڙي پهتو، جتي هن دڪاندار ايسوسيئيشن جي صدر شاهد ساهوال جي آفيس ۾ مقامي واپارين سان گڏجاڻي ڪندي چيو ته ڪنهن به دڪاندار يا واپاري سان ڪنهن به قسم جي ڪا ناانصافي ٿيڻ نه ڏجي اسان سڀ هڪ صف ۾ آهيون، هن چيو 5 ڊسمبر تي ٽنڊوالهيار تاجر ڪنوينشن ۾ سمورا دڪاندار ڀرپور نموني شرڪت ڪري ساٿ جو ثبوت ڏين، ان موقعي تي مصطفيٰ مغل، انور عاقلاڻي، غلام قادر بلوچ، زاهد بلوچ، غلام حيدر پٺاڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *