ٺاروشاهه: مڃٺ واسين جو تڳڙ پوليس جي ناجائزين خلاف احتجاج

Maxwell-Rauf-T20-Preview

ٺاروشاهه ( رپورٽ: نصير ابڙو ) مڃٺ واسي غلام رسول، سڄڻ کوکر، رضوان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته ايس ايڇ او امداد ملاح وڏو منشي ميھر سيال اسانجي گهرن مٿان بلاجواز چڙھايون ڪري اسان جا 2 نوجوان فدا حسين ۽ نعيم کوکر کنڀي گم ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري سامان پڻ کنيو ويو آهي ۽ اسان مٿان بلاجواز ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پريشان ڪيو پيو وڃي ھنن چيو ته پوليس ٻنهين نوجوان جي آزادي جا اڍائي لک رپيا طلب  ڪري  رهي آهي، ٻنهي نوجوان کي  آزاد ڪرائي بيچيني ختم  ڪئي وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *