کپرو: سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جي ڊي اي جو احتجاج
کپرو ( رپورٽ: سجاد شر ) وفاقي سرڪار پاران سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي خلاف جي ڊي اي اڳواڻ ممتاز ملاح، يوسف قائمخاني، شوقت هڱورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته وفاقي سرڪار هڪ سازش تحت سنڌ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ھنن چيو ته سنڌ جي ڪروڙين عوام سان جي ڊي اي پنهنجي حق جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۾ گڏ هوندي، هنن وفاقي سرڪار کان فوري فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو
